چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو مرڪزي آڊيٽوريم

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو مرڪزي آڊيٽوريم

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج: لاڙڪاڻي جي مشهور چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد، 20 اپريل 1973ع ۾ رکيو ويو. هيءَ ڪاليج اتر سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي ضرورت محسوس ڪندي قائم ڪيو ويو هو. ورهاڱي وقت سڄيءَ سنڌ ۾ صرف هڪڙو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ هو. ان بعد لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو قائم ٿيو. هن وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج نه صرف اتر سنڌ پر بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ جي ماڻهن لاءِ طبي سهولت جو ذريعو بڻيو آهي، سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان به ڪيترا شاگرد هتي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. هن وقت ان کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيئي ’شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي‘ نالو ڏنو ويو آهي، پر ان لاءِ الڳ عمارت زير تعمير آهي.
چانڊڪا، اصل ۾ لاڙڪاڻي جو پراڻو نالو هو، جيڪو چانڊيا ذات جي نالي پويان سڏبو هو. انهيءَ سرزمين تي هيءُ ميڊيڪل ڪاليج ٺاهيو ويو، جنهنڪري ان کي ’چانڊڪا‘ ميڊيڪل ڪاليج سڏيو وڃي ٿو.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ٺهڻ کان اڳ اتي گورنمينٽ پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۽ ڊي. جي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو واقع هئا، جن کي بعد ۾ ملائي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج بڻايو ويو. ڪاليج ٻه ماڙ عمارت تي مشتمل آهي ۽ پروفيسر علي محمد انصاري ان جو پهريون پرنسپال مقرر ٿيو. هيٺيئن ماڙ جي وچ ۾ هڪ آڊيٽوريم هو، جنهن ۾ 500 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي. کاٻي پاسي وارو بلاڪ ’ائناٽامي شعبي‘ کي ڏنو ويو هو، جڏهن ته ان جي مٿان ’فزيالاجي‘ شعبو قائم ڪيو ويو. آڊيٽوريم هال جي ساڄي پاسي انتظامي بلاڪ ۽ ان جي مٿان ’بايو ڪيمسٽري‘ شعبو ٺهيل هو. 1973ع ڌاري 150 شاگردن جي پهرين بئچ ڪاليج ۾ داخل ٿي. ڪاليج ۾ هاسٽل جي ضرورت کي مد نظر رکي، پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ، ايليمينٽري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۽ نرسنگ هاسٽل کي ترتيبوار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هاسٽلن طور استعمال ڪيو ويو. اڄڪلهه ان ۾ 6 هاسٽلون ڇوڪرن لاءِ ۽ 2 هاسٽلون ڇوڪرين لاءِ ٺهيل آهن، جن ۾ 1100 شاگردن جي رهڻ جي گنجائش آهي. هن وقت نئون ائڊمنسٽريشن بلاڪ، ايئرڪنڊيشن لئبرري، ٻه ايئرڪنڊيشن ليڪچر هال به ٺاهيا ويا آهن. آڊيٽوريم کي جديد شڪل ڏني وئي آهي، جيڪو مڪمل ايئرڪنڊيشن ۽ هڪ هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش رکي ٿو.
هتي اِن ڊور راندين لاءِ هڪ جمنئزيم ۽ آئوٽ ڊور راندن لاءِ هڪ ننڍو اسٽيڊيم به ٺاهيو ويو آهي. مختلف موضوعن تي لکيل هزارين ڪتاب ايئرڪنڊيشن لائبرريءَ ۾ موجود آهن. استادن لاءِ رفرنس بُڪ موجود آهن. هڪ مڪمل ڪمپيوٽر سيڪشن ملٽي ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي سهولتن سان موجود آهي. اسپتال جي حوالي سان 150 بسترن وارو هڪ هال ٺاهيو ويو آهي. هتي ٻيا به ڪيترا ميڊيڪل بلاڪ ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ اکين جو شعبو (Opthalmology) ۽ دل جو شعبو (Cardiology) شامل آهن. ان کانسواءِ شيخ زئد وومن هاسپيٽل، ٻارن جو شعبو ۽ آپريشن جي بلاڪ جو به اضافو ڪيو ويو آهي.
مريضن جي وڌي وڃڻ ڪري شيخ زيد وومن هاسپيٽل ۾ 100 وڌيڪ بسترا وڌايا ويا آهن. نرسنگ جي لاءِ اسپتال ۾ هڪ الڳ حصو مخصوص ڪيو ويو آهي.
تازو حڪومتي امداد سان هتي ’يورالاجي‘ شعبو به قائم ٿيو آهي. ساڳيءَ طرح سرڪاري پراجيڪٽ هيٺ 302 بسترن تي مشتمل هڪ هال ٺهرائي ڏنو ويو آهي، جتي هر قسم جي سهولت موجود آهي. اهو هال ميڊيڪل جي شاگردن جي سکيا لاءِ آهي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل ڪامپليڪس به ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ 1200 بسترن جي گنجائش آهي. انهن سڀني شين کان سواءِ ڪامپليڪس ۾ ريڊيالاجي شعبو، ايڪس ري، الٽراسائونڊ، ڪلر ڊوپلر وغيره سان گڏ جديد لئبارٽريون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جديد سهولتون شامل آهن.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (P.M.D.C)، جنرل ميڊيڪل ڪائونسل (G.M.S) وٽان تسليم شده ادارو آهي. هتي FCPS، MD، M.Phil ۽ ٻيا ميڊيڪل سان وابسته ڪيترا ڪورس ۽ ڊپلوما ڪرايا وڃن ٿا.
1999ع کان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، FCPS-I، FCPS-II ۽ MCPS جا امتحان پڻ وٺندو رهيو آهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ کان اڳ چانڊڪا، سنڌ يونيورسٽيءَ سان ملحق هڪ ادارو هو.


لفظ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو